ٻنڌڙي مسجد

ٻنڌڙي مسجد: اسلامي دور جي هيءَ اڏاوت تعلقي سيوھڻ ضلعي ڄام شوري، ڳوٺ ٻنڌڙي ۾ آهي. مسجد ڪچين سرن ۽ گل گاري سان لنبيل آھي. بعد ۾ ان کي ڪاشيءَ جون سرون ھڻي سينگاريو ويو آھي. نئون ڪرايل ڪم به ڪرندو پيو وڃي جو اصل مسجد جا بنياد ڪچا رکيل آھن. مھاڙي ٽن حصن ۾ ورھايل آھي، ھر ھڪ پانيل ڪاشيءَ جي سرن سان سينگاريل آھي. رٿ ۾ مسجد مستطيل آھي. جنھن کي گنبذائين ڇت ڏنل آھي. وچون گنبذ وڏو آھي. ان جي مٿان برجيون اڏيل آھن. برجين مٿان تاج ڏنل آھي. دريون اتر ۽ ڏکڻ ۾ ٺھيل آھن. اندر اولاھين ڀت خاص ڪري روغني ٽائلن سان سينگاريل آھي .


لفظ ٻنڌڙي مسجدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو